رشيد گوڊيل تي حملو ڳالهيون ناڪام ڪرڻ جي سازش آهي:آغا سراج دراني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته رشيد گوڊيل تي حملو ڳالهيون ناڪام ڪرڻ جي سازش آهي، حملي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. ڪراچي ۾ هٿياربندن هٿان زخمي ٿيل ايم ڪيو ايم اڳواڻ رشيد گوڊيل جي اسپتال ۾ مختلف شخصيتن پاران عيادت جو سلسلو جاري آهي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني به اسپتال پهچي رشيد گوڊيل جي عيادت ڪئي. عيادت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سندن دعا آهي ته رشيد گوڊيل جلد صحتياب ٿئي. اسپيڪر چيو ته رشيد گوڊيل سان گڏ سڪيورٽي هجڻ گهـُرجي ها، هر ميمبر سان گڏ سڪيورٽي هجڻ لازمي آهي. آغا سراج دراني چيو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ تي حملو ڳالهيون ناڪام ڪرڻ جي سازش آهي. اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته رشيد گوڊيل تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *