ردالفساد جي رفتار کي تيز ۽ عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن : وزير اعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ آپريشن رد الفساد جي اڳڀرائي ۽ ڪاميابين جو جائزو وٺڻ سان گڏ اهو پڪو پهه ڪيو ويو ته پاڪستان جي سلامتي لاءِ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي پاليسي لازمي آهي، وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نويد مختار، پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، گهرو وزير چوڌري نثار، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، ناصر جنجوعا سميت ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ آپريشن رد الفساد جي اڳڀرائي جو جائزو ۽ ڪاميابين کانسواءِ پاڪ افغان بارڊر مئنيجمينٽ بابت کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس دوران وزيراعظم نواز شريف پاڪستاني فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسين پاران ٿيندڙ هن وقت تائين اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايتون ڪيون ته ان جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي، اجلاس دوران دهشتگردي جي حوالي سان مختلف قانونن جو جائزو وٺڻ سان گڏ انهن قانونن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي طريقن جو به جائزو ورتو ويندو، شرڪت ڪندڙ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته امن ۽ ترقي جي دشمنن کي ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي جي ڪوششن کي برباد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ٻئي طرف نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي ڪوششن ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران ان تي عملدرآمد تي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *