رحمان ملڪ جو اڳوڻي ناظم ڪراچي مصطفيٰ ڪمال جي الزامن تي عدالت وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ اڳوڻي ناظم ڪراچي مصطفيٰ ڪمال جي الزامن تي عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي هڪ انٽرويو ۾ رحمان ملڪ چيو ته مصطفيٰ ڪمال مون تي بي بنياد الزام مڙهيا سندس پريس ڪانفرنس ڪوڙ تي ٻڌل هئي. مون آڏو ڪڏهن به ايم ڪيو ايم پنهنجن معاملن تي ڳالهه ناهي ڪئي هن چيو ته مان انهن الزامن تي ڪيس تيار ڪرڻ لاءِ پنهنجن قانوني مشيرن کي چئي ڇڏيو آهي هن مصطفيٰ ڪمال کان سوال ڪيو ته اوهان ٻڌايو ته اوهان دبئي ۾ شاهاڻي زندگي ڪيئن گذاري ڇا اوهان کي را پئسا ڏيندي هئي ان چيو ته مان ان ڳالهه جو حلفيه بيان ڏيان ٿو ته مون کي ڪڏهن به الطاف حسين نه چيو ته فلاڻي کي ڇڏيو منهنجي الطاف هسين سميت ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي هي سموريون ملاقاتون اڳوڻي صدر آصف زرداري جي اجازت سان ٿينديون هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *