رتيديري ۾ ايڇ آءِ وي وِگھي نينگر فوت، انگ وڌي 21 ٿي ويو

رتوديرو (ويب ڊيسڪ) رتيديري ويجهو  ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا وڌيڪ ھڪ معصوم نينگر فوت ٿي ويو، جنهن کان پوءِ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 21 ٿي ويو . پراڻي عيدگاھ محلي جو رھواسي 8 ورھين جو نينگر عبدالباسط ولد غلام مصطفي’ تنيو اڄ صبح فوت ٿي ويو . ٻڌايو پيو وڃي ته لاڙڪاڻي سينٽر تي ايڇ آ۽ وي جون ميڊيسن اڃا تائين ناهن پھچي سگھيون .  متاثر مريضن کي ايڇ آءِ  وي مرض جون دوائون ناھن ملي سگھيون، جنھن سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آھي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *