
رتوديرو (م.ڊ) رتوديرو ۾ هڪ وڌيڪ ٻارڙي کي ايڊز وائرس هجڻ جي تصديق ٿيڻ بعد شهر ۾ ايڊز وائرس ۾ وڪوڙيل مريضن جو انگ 103 ٿي ويو. ڳوٺ الهڏنو سيلرو اسڪريننگ دوران چئن سالن جي رشيده ڌيءُ محمد يعقوب سيلرو کي ايڊز وائرس هجڻ جي تصديق ڪئي وئي، جنهن بعد هن ڳوٺ ۾ ايڊز جي وائرس ۾ وڪوڙيل ڳوٺاڻن جو انگ 17 ٿي ويو، جن ۾ رڳو 2 عورتون ۽ هڪ مرد شامل، جڏهن ته ٻيا سمورا ايڊز متاثر ٻارڙا آهن. رتيديري ۾ مجموعي طور ايڊز وائرس ۾ وڪوڙيلن جو انگ 103 ٿي ويو آهي.