رتوديرو ۾ ايڊز وگهي نينگري فوت، فوتين جو انگ وڌي 15 ٿي ويو، وڌيڪ 6 ڄڻن کي ايڊز وائرس جي تصديق

رتوديرو (رپورٽر) رتوديرو ۾ ايڊز وگهي نينگري فوت ٿي وئي، جڏهن ته وڌيڪ 6 ڄڻن کي ايڊز وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي. نادر شاهه پاڙي ۾ نينگري فرزانه ڌيءُ غلام علي ڀٽو ايڊز وائرس ۾ وڪوڙجڻ بعد فوت ٿي وئي، جنهن بعد ايڊز سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 15 ٿي ويو. فوت ٿيل نينگري جي وارثن جو چوڻ آهي ته رتوديرو ڪئمپ تان ايڊز جي تصديق بعد لاڙڪاڻي ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ وياسين پر ڪنهن به قسم جي سهولت مهيا نه هئي، ساڳئي گهر ۾ وڌيڪ ٽن ٻارن کي به ايڊز جي تصديق ٿي چڪي آهي. ٻئي پاسي رتوديرو ڪئمپ ۾ 160 ماڻهن جي رت جا جُزا وٺي اسڪريننگ ٽيسٽ ڪئي وئي، جنهن دوران چئن ٻارن ۽ ٻن عورتن ۾ ايڇ آءِ وي هجڻ جي تصديق ڪئي وئي، جنهن بعد ايڊز مريضن جو انگ وڌي 736 ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *