رتوديرو: جوڻيجا برادري ۾ هلندڙ پراڻو تڪرار تيز، حاضري تان موٽندڙ اي ايس آئي گوليون ھڻي قتل

رتوديرو (رپورٽر) رتوديرو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اي ايس آء برڪت علي جوڻيجو قتل، جوڻيجا برادري ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان حاضري کان واپسي تي شڪارپور ناڪي تي هٿياربندن اي ايس آء برڪت جوڻيجو کي گوليون هڻي قتل ڪيو، هٿياربند هوائي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، واقعي بعد پوليس پهچي مقتول جو لاش تعلقه اسپتال منتقل ڪيو، منهنجي والد کي بيگناھ عابد، وزير ۽ عزو جوڻيجو قتل ڪيو آھي، شبانه واقعو وارثڏنو ماڇي جي حد جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان پيش آيو آھي، پوليس رپورٽ موجب رتوديرو ڀرسان وارثڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد ڳوٺ پاوڙو جوڻيجو ۾ جوڻيجا برادري ۾ هلندڙ خوني تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کنيو ڪورٽ مان حاضري تان واپسي بعد شڪارپور ناڪي وٽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن پاران ضلعه قمبر شھدادڪوٽ جي امام بخش جمالي ٿاڻي جي اي ايس آء 55 سال برڪت علي پٽ گل محمد جوڻيجو کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، واقعي جي اطلاع ملڻ بعد پوليس پهچي مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي ڌي شبنم ٻڌايو ته جوڻيجا برادري ۾ هلندڙ تڪرار سبب اسان ڳوٺ مان لڏي رتوديرو جوڳي محلا ۾ ويٺاسين پر ان باوجود منهنجي والد کي ڪوڙي ڪيس ۾ فاسايو ويو ڪورٽ مان حاضري تان جيئن واپس اچي رهيو هو ته عابد جوڻيجو، وزير جوڻيجو، عرضو، مومن ۽ ٻين منهنجي والد کي قتل ڪيو آھي، پوليس مطابق واقعيو ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ذاتي تڪرار تان پيش آيو آھي، قاتلن جوابدارن جي گرفتاري لاء سندس ڳوٺ ۽ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻڻ جو سلسلو جاري آھي جلد قاتل گرفتار ڪيا ويندا، جڏهن ته آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي ۽ نه وري واقعي ۾ ملوث ڪو جوابدار گرفتار ٿي سگهيو آھي، 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *