راڻا ثناءُ الله پوليس مقابلن جو چيمپئن هو ۽ ڪيترن ئي بي گناهن کي پوليس مقابلن ۾ مارايو: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته راڻا ثناءُ الله پوليس مقابلن جو چيمپئن هو ۽ ڪيترن ئي بي گناهن کي پوليس مقابلن ۾ مارايو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته 2007ع ۾ چارڊر آف ڪرپشن کي چارٽر آف ڊيموڪريسي جو نالو ڏنو ويو، ميچ فڪسنگ ڪري سياست ڪندا رهيا ۽ وارا فڪس ڪري ملڪ ۽ قوم کي نقصان پهچايو ويو، شخصيتون مضبوط ٿينديون ويون ۽ ادارا ڪمزور ٿيندا رهيا، چوٿين نسل کي گروي رکيو ويو. فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته عمران خان عوام جي حقن جو ضامن بڻجي آيو آهي، جيڪڏهن هو سسٽم جو حصو بڻجي وڃي ها ته هن لاءِ قبول هيو، پر هن جي عزم محنت ڪش کي حق ڏيارڻو هو، هن پڪو پهه ڪري رکيو آهي ته نه ڪرپشن ڪرڻي آهي نه ڪرڻ ڏيڻي آهي، آصف زرداري جي بنا نالي اثاثا سامهون اچي ويا آهن، بنا نالي اثاثا ايف بي آر اٽيچ ڪري ورتا آهن هاڻ آصف زرداري کي عمران خان ڪيئن ٿو سٺو لڳي سگهي. سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار چيو ته راڻا ثناءُ الله پوليس مقابلن جو چيمپئن هو ۽ ڪيترن ئي بي گناهن کي پوليس مقابلن ۾ مارايو، فاشسٽ حڪومت اُها هوندي آهي جيڪا اُميد وارين عورتن کي گوليون هڻي، جيڪو نشو پکيڙي رهيو هو ان کي هيرو بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي، حڪومت کي نشو پکيڙيندڙن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي پڪڙڻو آهي، هاڻ پاڪستان تبديل ٿي چڪو آهي نئين پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني آهي، وڏن منهن تي قانون لاڳو ٿيندو ته عام ماڻهو ڏانهن به اِهو ئي پيغام ويندو ته هاڻ قانون جي حڪمراني آهي. فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته عمران خان جڏهن وزير اعظم بڻيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جيڪو موقف اختيار ڪيو ان تي خاموشي ٿي، اڄ عمران خان وقار سان آمريڪا وڃي رهيو آهي، آمريڪي کي منٿون ڪري نه پر ڳاٽ اونچو ڪري وڃي رهيو آهي، هي نئون پاڪستان آهي عمران خان سفير جي گهر ۾ رهندو ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ نه.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *