راکي ساونت سني ليون کي ڀارت ڇڏڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ آئٽم گرل راکي ساونت کي اداڪارا سني ليون جي ڀارتي فلم نگري ۾ هو سني ليون تي طنز جو ڪو به موقعو ضايع ٿيڻ نٿي ڏئي، ڀارتي ميڊيا جي مطابق راکي ساونت اداڪارا سني ليون کي ڀارت ڇڏڻ جو مطالبو ڪندي، ان تي الزام به لڳايا آهن، راکي ساونت جو چوڻ آهي ته هن ڊانس، ريئلٽي شو ۽ اداڪاري صلاحيتن سان ماڻهن جي دل کٽي ورتي آهي، جڏهن ته ان جي نئين ميوزڪ ويڊيو “پارٽي پنجابي” شوقينن کي پسند ايندي، هن سني ليون کي پنهنجي نئين ميوزڪ البم ۾ ننگي اداڪاري جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته سني ليون جي ڪري ان کي به بولڊ منظر جي عڪس بندي ڪرائڻي پئي، ان لاءِ هو نٿي چاهي ته ڪا ٻي اداڪارا به ان جهڙا منظر عڪس بند ڪرائي، بهتر آهي ته ان رجحان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سني ليون کي ڀارت ۽ بالي ووڊ انڊسٽري کي ڇڏي ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *