راولپنڊي ۾ اهلسنت والجماعت راولپنڊي جو ترجمان قتل، مڇريل ڪارڪنن جو سپريم ڪورٽ آڏو لاش رکي ڌرڻو

راولپنڊي(بيورو)  اهلسنت والجماعت راولپنڊي جو ترجمان اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب مارجي ويو ۽ ان جو هڪ ساٿي زخمي ٿي پيو  آهي اهلسنت والجماعت جي مرڪزي ترجمان حافظ اُنيب فاروقي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته راولپنڊي جي ترجمان مظهر صديقي، محمد ابراهيم ۽ شير دل تي اڻڄاتل ماڻهن طرفان فائرنگ پير وڌائي موڙ ويجهو ڪئي وئي مظهر صديقي موقعي تي مارج يويو جڏهن ته ٻيا 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا لاش ۽ زخمين کي پمز اسپتال اسلام آباد منتقل ڪيو ويو  آهي اسلام آباد پوليس مطابق ٻن اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوارن طرفان فائرنگ سوشل سيڪيورٽي اسپتال ويجهو رڪشي تي ڪئي وئي سبزي منڊ يٿاڻي جي پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي اهلسنت والجماعت جي سربراهه علامه احمد لڌيانوي قتل جي واقعي جي ڀرپور مذمت ڪندي قاتلن جي جلد گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر اشرفي جو چوڻ آهي ته هو مولانا مظهر صديقي جي قتل جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا حڪومت ملڪي امن تباهه ڪندڙ عنصرن خلاف فوري قدم کڻي. قتل واري واقعي کانپوءِ اهلسنت والجماعت جي ڪارڪنن مولانا مظهر جو لاش سپريم ڪورٽ آڏو رکي ڌرڻو هنيو مظاهرين جو مطالبو هو ته  چيف جسٽس آف پاڪستان مولانا مظهر جي قتل جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي جڏهن ته نادرا چوڪ وٽ اهلسنت والجماعت جا وڏي تعداد ۾ ڪارڪن نڪري آيا جن روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو پوليس پاران کيس روڪڻ تي مظاهرين ۽ اهلڪارن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران پوليس اهلڪارن مظاهرن تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس استعمال ڪئي جنهن ۾ ڪيترائي مظاهرين زخمي ٿي پيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *