راولپنڊي ٽيسٽ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي اننگز ۽ چوئيتاليهه رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

 

راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) راولپنڊي ٽيسٽ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي هڪ اننگز ۽ 44 رنسن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز ۾ هڪ ٻُڙي تان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش جي سموري ٽيم ٻئين اننگز ۾ 168 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ٻئي اننگز ۾ نسيم شاهه بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جنهن ۾ ان جي هيٽ ٽرڪ به شامل آهي.ٻئي اننگز ۾ ياسر شاهه به 4 بنگلاديشي رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته محمد عباس ۽ شاهين شاهه آفريدي جي حصي ۾ هڪ هڪ وڪيٽ آئي. بنگلاديش طرفان ٻئي اننگز ۾ مومن الحق 41 رنسون ٺاهي نمايان رانديگر رهيو. جڏهن ته نجم الحسن شنٽو 38 ۽ تميم اقبال 34 رنسن جي اننگز کيڏي.ياد رهي ته پاڪستان ٽاس کٽي بنگلاديش کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني ته سموري بنگلاديش جي ٽيم 233 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.جڏهن ته پاڪستان پهرين اننگز ۾ بابر اعظم جي 143، شان مسعود جي 100، حارث سهيل جي 75 ۽ اسد شفيق جي 65 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ بنگلاديش تي 212 رنسن جي سبقت حاصل ڪئي. ٻئي اننگز ۾ به بنگلاديش جا رانديگر بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا ۽ صرف 168 رنسن تائين محدود رهيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *