راولپنڊي، فيصل آباد، سکر ۽ ڪراچي جيلن ۾ 7 قيدي ڦاهي چڙهي ويا

راولپنڊي (م.ڊ) راولپنڊي، فيصل آباد، سکر ۽ ڪراچي جي جيلن ۾ موت جي سزا جي 7 ڏوهارين کي ڦاهي ڏني وئي. پي ٽي وي جي رپورٽ موجب گذريل ڏينهن صبح جو اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي حملي، دفاع واري وزارت جي ڊائريڪٽر، پوليس اهلڪارن ۽ وڪيل جي قتل ۾ ملوث 7 ڏوهارين کي راولپنڊي، فيصل آباد، سکر ۽ ڪراچي جي جيلن م ڦاهي ڏني وئي. ڪراچي سينٽرل جيل ۾ بهرام خان کي ڦاهي ڏني وئي، جنهن 2003ع ۾ عدالت جي ڪمري ۾ داخل ٿي محمد اشرف ايڊووڪيٽ کي قتل ڪيو هو. سکر سينٽرل جيل ۾ 3 ڏوهارين کي ڦاهي ڏني وئي جنهن ۾ محمد شاهد حنيف، محمد طلحه ۽ خليل احمد شامل هئا جن تي الزام هو ته هنن 2001ع ۾ ڪراچي منس ٽري آف ڊفينس جي هڪ ڊائريڪٽر ظفر حسين شاهه کي قتل ڪيو هو. راولپنڊي اڊيالا جيل ۾ ذوالفقار علي کي ڦاهي ڏني وئي جنهن ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل خاني تي حملو ڪري ٻن پوليس اهلڪارن کي قتل ڪيو. فيصل آباد ۾ مشتاق احمد ۽ نوازش علي کي ڦاهي ڏني وئي جيڪي اڳوڻي صدر مشرف تي حملي جا ڏوهاري هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *