راني مکرجي جي فلم هچڪي جو ٽريلر منظرعام تي اچي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره راني مکرجي 3 سالن کانپوءِ فلم هچڪي سان بالي ووڊ نگري ۾ واپسي ڪري ورتي. فلم جو ٽريلر به سامهون اچي ويو. ڀارتي ميڊيا مطابق اها فلم ان جي ور آديتيا چوپڙا جي پروڊڪشن هائوس يش راج فلمز جي بينر هيٺ ٺهي آهي. هدايتڪار سڌارت پي ملهوتر جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم هچڪي جو ٽريلر به جاري ڪيو ويو آهي جنهن کي ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي 4 لک کان وڌيڪ ماڻهو يوٽيوب تي ڏسي چڪا آهن. فلم جي ٽريلر کي مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *