راني جو ڄمڻ وقت اسپتال ۾ ٻئي ٻار سان مَٽجڻ جو انڪشاف

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا راني مکرجي انڪشاف ڪيو آهي ته پيدائش وقت کيس هڪ ٻئي ٻار سان تبديل ڪيو ويو هو.ڀارتي ميڊيا موجب هڪ پراڻي انٽرويو دوران راني مکرجي انڪشاف ڪيو ته سندس پيدائش وقت اسپتال ۾ هڪ انتهائي دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي هئي.اداڪارا ٻڌايو ته جڏهن مان پيدا ٿيس ته اسپتال ۾ هڪ پنجابي فيملي جي ٻارڙي سان تبديل ٿي وئي هئس، جڏهن منهنجي ماءُ ڪرشنا مکرجي کي ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته هن اسپتال ۾ گوڙ ڪيو ۽ چيو ته هي منهنجي ڌيءُ ناهي، منهنجي ڌيءُ جون اکيون ناسي هيون، جڏهن ته هن جون اکيون ناسي ناهن.راني مکرجي ٻڌايو ته ماءُ مون کي اسپتال ۾ ڳولڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ هن مون کي هڪ پنجابي فيملي جي ڪمري ۾ ڏٺو، جن وٽ اٺون ٻار پيدا ٿيو هو.سندس موجب گهروارا مون کي ڀوڳن ۾ چوندا آهن ته اصل ۾ تون هڪ پنجابڻ آهين پر غلطي سان اسان جي گهر اچي وئي آهين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *