رانديگرن کي عزت ڏيڻي پوندي،ٽيم کي سڌارڻ لاءِ ڪي فرشتا نه ايندا:يونس خان

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان رٽائرمينٽ جي حوالي سان پنهنجي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.سندس چوڻ آهي ته مونکي انهيءَ وقت جو مهينن کان انتظار هيو ۽ موقعو ڏسي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي به موڪلاڻي ڪندس.يونس خان جو چوڻ هو ته وقار يونس جي ڳالهين جو جواب کيس اڳيان ڏيندس.ٽيم جي ناڪامين کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪنهن فرشتي جي ضرورت ناهي، رانديگرن کي عزت ڏيڻي پوندي ۽ ٽيم ڪنهن اعتماد ڏيڻ واري ڪپتان ۽ ڪوچ جي ضروروت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *