” رانجها رانجها “ جي نوري انسٽاگرام تي به مشهور شخصيت بڻجي وئي

ڪراچي ( شو بز نيوز ) پاڪستاني ڊراما انڊسٽري ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ اقرا عزيز کي اداڪاري بعد هاڻ سماجي رابطن واري مشهور فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي به مداحن طرفان ڀرپور موٽ ملي رهي آهي. اداڪارا اقرا عزيز 24 نومبر 1997ع تي سنڌ جي صوبائي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ هڪ سنڌي گهراڻي ۾ اک کولي ۽ 14 ورهين جي عمر کان فني سفر جي شروعات ڪئي، ڊراما سيريل مقدس ۾ ادا ڪيل مقدس جي ڪردار کيس شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو.  ننڍڙي عمر ۾ اقرا عزيز ٽيليويزن جي مشهور ترين ڊرامن ڇوٽي سي زندگي ۽ خاموشي جو حصو رهي. اڄڪلهه اقرا عزيز مشهور ڊراما سيريل رانجها رانجها ۾ نوري جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. 17 ملين فالورن سان گڏ اقرا عزيز انسٽاگرام جي مشهور ترين شخصيتن ۾ شامل ٿيڻ جي ويجهو آهي. اقرا پنهنجي انسٽاگرام تي تمام گهڻو متحرڪ نظر ايندي آهي ۽ مداح سندس تصويرن تي تعريف ڪرڻ ڪڏهن ناهن وساريندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *