رافيل نڊال روس ۽ بيلاروس جي رانديگرن تي پابندي خلاف آواز اٿاري ڇڏيو  

لنڊن (اسپورٽس نيوز) اسپين جي مشهور ٽينس اسٽار رافيل نڊال ومبلڊن ۾ روس ۽ بيلاروس جي رانديگرن جي شرڪت تي پابندي کي غير منصفاڻو قرار ڏئي ڇڏيو. 21 گرينڊ سليم کٽيندڙ اسٽار رافيل نڊال سمجهي ٿو ته آل انگلينڊ ڪلب سخت فيصلو ڪيو آهي ۽ هن اميد ظاهر ڪئي ته پابندي هٽائڻ لاءِ مداخلت ڪئي ويندي. ومبلڊن ۾ شرڪت کان روڪڻ جي فيصلي تي اي ٽي پي ۽ ڊبليو ٽي اي طرفان تنقيد ڪئي وئي ۽ رانديگرن رافيل نڊال، سندس مخالف نوواڪ نوڪووچ به يوڪرين ۾ روسي مداخلت کانپوءِ لڳايل پابندي تي تنقيد ڪئي. ياد رهي ته بيلاروس کي روس جو اتحادي سمجهيو وڃي ٿو ۽ روس جي فوجين کي يوڪرين ۾ مداخلت لاءِ سندن سرحد استعمال ڪرڻ جي اجازت آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *