
راجن پور (اين اين آءِ) 8 ضلعن جي بهادر پوليس ڇوٽو گينگ کي نه پڪڙي سگهي، راجن پور جي علائقي ڪچا جمال ۾ 7 اهلڪارن جي شهادت ۽ 24 اهلڪارن جي اغوا کانپوءِ ڇوٽو گينگ خلاف خميس تي ٻئي ڏينهن به آپريشن ملتوي، ڳالهين کانپوءِ ڇوٽو گينگ 5 اهلڪارن جي لاش پتڻ جي هنڌ وٽ پوليس جي حوالي ڪيا، جنهن ۾ ايس ايڇ او حنيف غوري، شڪيل، اجمل، طارق ۽ امان الله جا لاش شامل آهن، 4 زخمي اهلڪارن کي به ڇڏي ڏنو جن کي شيخ زيد اسپتال داخل ڪيو ويو، 24 يرغمالي اهلڪارن جا نالا ظاهر ٿي ويا، انهن ۾ اسد الله فياض، ريحان، شفيق، الطاف، منير، مظهر، اختر، ڪليم، غلام دستگير شامل آهن، الاهي بخش، راشد، علمدار، محمد سجاد، سراج، نعيم، مجاهد، رفيق، صديق، لياقت، عبدالمجيد، افتخار، عاصم به اڃاتائين يرغمال آهن، ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته آپريشن ۾ 3 ڌاڙيل مارجي ويا آهن، انهن ۾ ڇوٽو جو ويجهو ساٿي ڦلو پٺاني، مجيد سيکاني ۽ بگي بقراني شامل آهن، ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن ضرب عضب سبب اتر وزيرستان آيل دهشتگردن پناهه ورتي آهي جنهن جي شهيد ايس ايڇ او حنيف غوري تصديق ڪئي هئي، ڇوٽو گينگ ۾ 80 کان سئو ڏوهاري آهن جن وٽ ڀارتي هٿيار اينٽي ڪرافٽ گنون به موجود آهن.