راجر فيڊر استنبول اوپن جو ٽائيٽل کٽي ورتو

استنبول(اسپورٽس نيوز) 17 ڀيرا گرينڊ سليم چيمپئن راجر فيڊر ڪاميابيءَ جو سلسلو برقرار رکندي استنبول اوپن جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. راند ۾ هن يورو گوئي جي پيبلو شاويز کي شڪست ڏئي ڪيريئر جو 85هون ٽائيٽل کٽيو. ترڪي جي شهر استنبول ۾ کيڏيل مينز سنگلز ايونٽ جي فائنل ۾ ٽاپ سيڊڊ سوئٽزرلينڊ جي راجر فيڊر يورو گوئي جي پيبلو شاويز کي اسٽريٽ سيشن ۾ شڪست ڏني ۽ ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو، سندس اسڪور 3-6 ۽ 6-7 رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *