راتون رات تبديلي ممڪن نه آهي ان لاءِ قدم بقدم کنيا وڃن: سيڪريٽري اطلاعات رفيق ٻرڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سکڻ  لاءِ عمر جي ڪائي حد نه هوندي آهي کاتي جا آفيسر انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ٽريننگ جي پروگرامز ۾ حصو وٺن ته جيئن انهن جي صلاحيتن ۾ بهتري اچي ۽ پيشه ورانه زندگي ۾ پنهنجي واسطيدار شعبن ۾ مهارت حاصل ڪن. اها ڳالهه اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري رفيق احمد ٻرڙو اڄ پنهنجي آفيس جي ڪميٽي روم ۾ هيڊڪوارٽر جي ڊائريڪٽرز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان منعقد ڪيل هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري رفيق احمد ٻرڙو کاتي جي آفيسرن کي چيو ته سٺا نتيجا ۽ ڪاميابي لاءِ پنهنجا حدف طئي ڪن. هن چيو ته راتون رات تبديلي ممڪن نه آهي ان لاءِ هڪ کان پوءِ هڪ حدف هٿ ۾ کنيو وڃي ۽ اهڙي طرح پنهنجي واسطيدار شعبي ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي ڪوششون ڪن. هن وڌيڪ چيو ته روزانه جي بنياد تي هڪ اسائنمنٽ کي پنهنجي هٿ ۾ وٺن ۽ ان کي بهتر طريقي سان مڪمل ڪن ۽ مسلسل پوري مهيني ان پريڪٽس کي جاري رکن. اهڙي طرح 30 اسائمنٽ مڪمل ڪري هڪ مهيني ۾ وڏا نتيجا ۽ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي دور مان گذري رهيا آهيون. اسان کي کاتي جي هر شعبي کي ڊيجٽيلائز ڪرڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري ڊائريڪٽر پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ کي هدايت ڪئي ته ايندڙ سال لاءِ نئي اي ڊي پي (ADP) رٿائون تيار ڪن. ان موقعي تي اطلاعات کاتي سنڌ جي سيڪريٽري رفيق احمد ٻرڙو انفارميشن کاتي جي سمورن شعبن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو، اجلاس ۾ ڊائريڪٽر پريس انفارميشن جهانگير خان ابڙو، ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ اڪائونٽس عظيم شاهه، ڊائريڪٽر پلاننگ غلام ثقلين، ڊائريڪٽر سوشل ميڊيا اسلم پرويز جتوئي، ڊائريڪٽر پريس سيد ذوالفقار علي شاهه، ڊائريڪٽر اطلاعات محمد سليم خان، ڊائريڪٽر پبليڪيشن اختر علي سرهيو، ڊائريڪٽر اشتهارات عزيز احمد هڪڙو، ڊائريڪٽر فلم شبيه صديقي، ڊائريڪٽر آر اينڊ محمد علي رياض ميمڻ ۽ سيڪشن آفيسر ماريه يونس گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *