رابي پيرزاده جي نئين فلم جي ڪئميرا اڄ کلندي، فلم انڊسٽري جو مشهور شخصيتون شرڪت ڪنديون

رائيونڊ(شوبز نيوز) فنڪارا ۽ اداڪارا رابي پيرزاده جي نئين فلم جي ڪيميرا سومر ڏهاڙي ايور نيو اسٽوڊيو ۾ کلندي، جنهن ۾ فلم انڊسٽري جون مشهور شخصيتون شرڪت ڪنديون. رپورٽ موجب رابي پيرزاده پنهنجي پهريم فلم ”شور شرابا“ کانپوءِ ٻي فلم به شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي باقاعده ڪيميرا اوپننگ تقريب سومر ڏهاڙي شام 5 وڳي ايور نيو اسٽوڊيو ۾ شروع ٿيندي. تقريب ۾ رابي پيرزاده سان گڏ فلم جي ٻي ڪاسٽ به شرڪت ڪندي، جڏهن ته فلم انڊسٽري جي مشهور شخصيتن کي به دعوت ڏني وئي آهي. ياد رهي ته رابي پيرزاده جي ذاتي پروڊڪشن جي هڪ ڊراما سيريل ”قصه ڪرسي ڪا“ پي ٽي وي تي آن ايئر آهي، جنهن ۾ هوءَ اداڪار شامل خان جي مقابلي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *