رائيونڊ محل ۾ ٿيل سياسي ملاقاتن سان جمهوريت جو ڪو به واسطو ناهيۡ: فردوس عاشق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ بلاول ۽ مريم نواز جي ملاقات تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته رائيونڊ محل ۾ ٿيل سياسي ملاقاتن سان جمهوريت جو ڪو به واسطو ناهي، سلطنت شريفيا جي سزا يافتا شهزادي سلطنت زرداريا جي ولي عهد سان ملاقات ڪري رهي آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر جي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو اميد آهي ته ٻئي عدالتن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ واضح ايجنڊا طئي ڪندا، ٻنهي جماعتن سياست پنهنجي نسلن ۾ منتقل ڪئي، اڄ جي ويهڪ سياست ۽ وراثت جي منتقلي جو عملي ثبوت آهي، شهيد بينظير ڀٽو جو روح اڄ بيچين ۽ بي قرار هوندو، بلاول پيءُ جي ڪرپشن بچائڻ لاءِ اڄ رائيونڊ وڃي پهتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *