رائو انوار جي گرفتاري، آءِ جي سنڌ ڳجهن ادارن کان مدد گهري ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نقيب الله قتل ڪيس ۾ ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جي گرفتاري لاءِ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا انٽيليجنس ايجنسين کان مدد گهري ورتي آهي. اي ڊي خواجا ڳجهن ادارن کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن درخواست ڪئي آهي ته رائو انوار جي نشاندهي، ڳولا ۽ گرفتاري ۾ مدد ڪئي وڃي. آءِ جي سنڌ چيو آهي ته رائو انوار جي گرفتاري لاءِ ٽيڪنيڪل ۽ انٽيليجنس بنياد تي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي. ملير جو اڳوڻو ايس ايس پي 20 جنوري جي صبح پي آءِ اي اڏام ذريعي اسلام آباد ويو، 23 جنوري تي هن اسلام آباد ايئرپورٽ کان دبئي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ايف آءِ اي اميگريشن کيس ٻاهر وڃڻ کان روڪي ورتو. اي ڊي خواجا خط ۾ لکيو آهي ته رائو انوار ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور ڏئي رهيو آهي، ڏوهاري کي جلد سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻو آهي، تنهن ڪري گرفتاري ۾ مدد ڪئي وڃي. واضح رهي ته جاچ ڪميٽي نقيب الله محسود کي بي ڏوهه ۽ پوليس مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي، جڏهن ته رائو انوار جاچ ڪميٽي اڳيان پيش نه ٿي رهيو آهي ۽ هو روپوش ٿي ويو آهي. سپريم ڪورٽ ڪالهه رائو انوار جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس کي 72 ڪلاڪن جو وقت ڏنو هو.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *