رائو انوار جي پٺڀرائي ڪندڙ هٿ وائکا ڪيا وڃن: عمران خان

ڪراچي (اين اين آءِ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سهراب ڳوٺ ۾ نقيب محسود جي قتل خلاف ٿيندڙ جرڳي کي خطاب ڪندي چيو ته مان جرڳي جي سردارن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪيان ٿو اسان جي جنگ ان نظام خلاف آهي جنهن سبب نقيب محسود قتل ٿيو اسان جي جنگ رائو انوار جهڙن پوليس جي ڪپڙن ۾ قاتلن جي خلاف آهي. اوهان کي خيبرپختونخواهه جي پوليس تي فخر هوندو ڇو ته اتي ڪو به پوليس وارو ڪنهن کي قتل نه ٿو ڪري سگهي. رائو انوار پويان اهي سياستدان آهن جيڪي ڏوهه ۽ قتل ڪرائين ٿا جڏهن سياستدان پوليس کان قتل ڪرائين ٿا ته پوليس وارا قبضا گروپ سان به ملي وڃن ٿا ۽ پيسا وٺڻ لاءِ به قتل ڪن ٿا. اسان اڄ اهو فخر سان ٻڌائي سگهون ٿا ته پختونخواهه ۾ اسان پوليس ايڪٽ بڻايو آهي ان تحت پوليس ۾ سياسي مداخلت نه ٿي ٿي سگهي اڄ اسان هتان جي پوليس کي به غير سياسي بڻائڻ چاهيون ٿا منهنجي سڀ کان وڌيڪ ڪوشش هوندي ته ڪڏهن به ڪنهن پيءُ کي اهڙي تڪليف مان نه گذرڻو پوي جنهن سان نقيب محسود جي والد کي گذرڻو پيو. جيڪي 440 ماڻهو عدالت کان مٿانهان قتل ڪرايا ويا انهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي رائو انوار جهڙن ڏوهارين کي سزا ملڻ گهرجي پوليس وارو جيڪو قتل ڪري رهيو هو ان جي پٺ تي ڪير آهي ان تائين پهچڻ گهرجي اسان جي ڪوشش آهي ته ڪراچي ۾ جيڪي مختلف قومون آباد آهن انهن کي گڏ ڪريون امن قائم ڪريون ته جيئن ماڻهن کي نوڪريون ملن ۽ پاڪستان خوشحال ٿئي. جيڪو به انسانن کي ورهائي ٿو ۽ نفرت پکيڙي ووٽ حاصل ڪري ٿو اهو ليڊر نه پر فسادي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *