رائل چئلينجر بئنگلور جو سفر آءِ پي ايل 2019ع ۾ ڪاميابي سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتو

بئنگلور ( اسپورٽس نيوز ) رائل چئلينجر بئنگلور جو سفر آءِ پي ايل 2019ع ۾ ڪاميابي سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.رائل چئلينجر بئنگلور آخري مئچ ۾ سن رائزرس حيدرآباد کي چئن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو. پر ان ميچ /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 03

دوران  به آر سي بي جي ٽيم تڪرارن جي ور چڙهيل رهي.مئچ ۾ هڪ ڀيرو وري ٽيم کي خراب امپائرنگ جو منهن ڏسڻو پيو. جنهن تي فاسٽ بالر اميش ياديو ۽ ڪپتان ڪوهلي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.سن رائزرس حيدرآباد  جي اننگز جو 20 هون اوور اميش ياديو هلايو. ان اوور جي پنجين بال کي امپائر نائجيل لانگ نو بال قرار ڏنو. امپائر جو خيال هو ته اميش ياديو جي پير جو پويون حصو ڪريز جي لائين تي هو جڏهن ته ان کي ٿوڙو پوئتي هئڻ گهرجي ها. جيتوڻيڪ ٽي وي ري پلي ۾ صاف نظر آيو ته اميش ياديو جو پير صحيح جاءِ تي پيو هو.اميش ياديو امپائر جي اهڙي فيصلي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، هن فوري طور امپائر سان ڳالهايو، پر امپائر سندس هڪ نه ٻڌي، ڪپتان ڪوهلي به ان فيصلي تي حيران نظر آيو، ان دوران ڪامينٽيٽرن به امپائر جي فيصلي کي غلط قرار ڏنو ۽ چيو ته اهڙا فيصلا ٽيڪنيڪي بنيادن تي ٿرڊ امپائر کي بدلائڻ گهرجن،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *