ذڪي الرحمان لکوي ڪيس سان پاڪ ڀارت ڳالهيون متاثر نه ٿينديون: سرتاج عزيز

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي صلاحڪار چيو آهي ته ذڪي الرحمان لکوي جي معاملي سان پاڪ ڀارت ڳالهين جو عمل متاثر نه ٿيندو، ڀارت کي به ياد ڏياروي آهي ته سمجهوتا ايڪسپريس معاملي تي ڪهڙي اڳڀرائي ڪئي وئي آهي اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته ذڪي الرحمان لکوي جي معاملي تي قانوني عمل هلي رهوي آهي دنيا کي خبر آهي ته پاڪستان جو عدالتي نظام غير جانبدار آهي ذڪي الرحمان جي آزادي جي  فيصلي خلاف اپيل ڪري چڪا آهيون، پرڏيهي صلاحڪار چيو ته پاڪستان پاڻي جي مسئلي تي پنهنجي حقن جو تحفظ ڪري رهيو آهي سنڌ طاس معاهدي تحت ڀارت پاڪستان جي دريائن جو پاڻي ذخيرو نه ٿو ڪري سگهي سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ترڪمانستان سان گڏ پنهنجي خصوصي لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو، افغان مسئلي سبب گيس لائن منصوبي ۾ دير ٿي رهي آهي ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي رابطه وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ويزا کي آسان ڪرڻ سميت ٻيا قدم کڻڻا پوندا، افغانستان ۾ امن ٿيڻ کانپوءِ تاپس تيس منصوبو جلد شروع ٿيندو، منصوبي سان خطي ۾ توانائي راهداري جي شروعات ٿيندي. سرتاج عزيز چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ خطي جي ضرورت آهي جڏهن ته افغان طالبان سان ڳالهين لاءِ ڪوبه ٽائم لائن نه ٿا ڏئي سگهون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *