ذوالفقار مرزا پاڻ مڪافات عمل مان گذري رهيو آهي ان تي ڇا چوان؟ نثار کهڙو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن تي اعتراض پنهنجي جاءِ تي برقرار آهن پر اليڪشن ڪميشن جا ميمبر استعيفائون ڏين يا نه ڏين پر پيپلز پارٽي چونڊ عمل کان ٻاهر نه ٿي رهڻ چاهي ۽ مڪاني چونڊن ۾ ميدان خالي نه ڇڏينداسين. عسڪري قيادت پاران پيپلز پارٽيءَ جي ڪنهن وزير جي ٻانهن ڏيڻ يا گرفتاريءَ لاءِ ڪو بيان سامهون نه آيو آهي ۽ نه ئي سنڌ حڪومت کان ڪو اهڙو مطالبو ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت موجود آهي جنهن جي سڀني شين تي نظر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته پارليامينٽ مان استعيفائون ڏيڻ جو بيان رحمان ملڪ جو ذاتي ٿي سگهي ٿو اهڙا فيصلا ڪنهن جي بيان ڏيڻ سان نه ٿيندا آهن ۽ اهڙن فيصلن لاءِ پارٽيءَ جو اعلي سطحي فورم موجود آهي جنهن ۾ پارٽي قيادت  اعلي سطحي اجلاس ۾ ڪي به فيصلا ڪندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ذوالفقار مرزا پاڻ مڪافات عمل مان گذري رهيو آهي ان تي ڇا چوان؟ هن چيو ته وڏو وزير دبئي وڃي سگهي ٿو سندس دبئي وڃڻ ۾ ڪو حرج ناهي. هن چيو ته 1965ع جي جنگ جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران سي ايم هائوس ۾ تقريب ڪئي وئي هئي ان ۾ دال ۾ ڪارو ڳولهڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. پبلڪ اسڪول گهوٽڪي کي آءِ بي اي سکر حوالي ڪرڻ بابت سنڌ جي تعليم کاتي ۽ آءِ بي اي وچ ۾ 10 سالن جو معاهدو ڪيو ويو آهي جنهن تحت گهوٽڪي پبلڪ اسڪول جو انتظام آءِ بي اي سکر هلائيندي. ان ڏس ۾ ايم او يو تي صحيحون ڪرڻ جي تقريب سومر ڏينهن ٿي جنهن ۾ تعليم ۽ اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو، سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو، آءِ بي اي جي ڊاريڪٽر نثار صديقي شرڪت ڪئي. جنهن دوران هنن ايم او يو تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي نثار احمد کهڙو چيو ته آءِ بي اي هڪ معياري ادارو آهي ۽ ٻارن کي بهتر تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ گهوٽڪي پبلڪ اسڪول کي آءِ بي اي حوالي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ 25 انگريزي ميڊيم اسڪول تعمير ٿي رهيا آهن جن مان 17 اسڪولن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي جن مان شهيد بينظير آباد ضلعي جو جڪ اسڪول مڪمل تعمير ٿي چڪو آهي جيڪو ايندڙ مهيني تعليم کاتي حوالي ٿي ويندو ۽ انهن اسڪولن جون عمارتون ڪولڊ اسٽيل اسٽرڪچر جي طور تي تعمير ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته يو ايس ايڊ جي مدد سان سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 110 اسڪول ٺاهيا پيا وڃن ۽ ٻوڏ متاثر 8 ضلعن ۾ پڻ 14 ڪمرن تي ٻڌل اسڪولن جي  تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جيڪو پڻ جلد مڪمل ڪيو ويند ان کان علاوه 25 ڪمپريهينسو اسڪولن جي تعمير تي پڻ ڪم شروع ٿي چڪو آهي. هن چيو ته سهولتن کان محرم 10 هزار اسڪولن ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جو ٽارگيٽ رکيو ويو آهي جيڪو 3 سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو ۽ هن سال هڪ هزار اسڪولن ۾ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته استادن جي  اسڪولن ۾ حاضريءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڏيڌ لک استادن مان 84 هزار استادن جي بايو ميٽرڪ رجسٽريشن ڪئي وئي آهي ۽ سڀني استادن جي بايو ميٽرڪ رجسٽريشن جو عمل جلد مڪمل ڪيو ويندو ۽ استادن کي بايو ميٽرڪ رجسٽريشن آڌار پگهارون جاري ٿينديون. ان عمل سان جعلي ۽ گوسڙو ملازمن جي پڻ خبر پئجي ويندي. هن چيو ته 5 هزار 200 بند پيل اسڪولن مان 3 هزار بند اسڪول کولرايا ويا آهن ۽ باقي بند پيلو اسڪول کولرائڻ جي پٺيان آهيان جيڪي جلد کولرايا ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اختيار وزير وٽ آهن ۽ سيڪريٽري وزير جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *