ذوالفقار مرزا پاليل نانگ آهي، کيس دشمن چوڻ به توهين سمجهون ٿا، سندس جي ڪرپشن بابت سڀ ڄاڻن ٿا: پ پ وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ صوبائي وزير ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبرن چيو آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پاليل نانگ آهي، ان کي دشمن چوڻ به توهين آهي. ذوالفقار مرزا جي ڪرپشن بابت سڀني کي خبر آهي. پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ ٻين اڳواڻن تي الزام لڳائڻ کان اڳ ذوالفقار مرزا پنهنجي جيءُ ۾ جهاتي پائي ڏسي. اڳتي جيڪڏهن هن آصف علي زرداري خلاف غير پارلياماني زبان جو استعمال ڪيو ته پيپلز پارٽي جا ڪارڪن سندس گهر جو گهيراءُ ڪندا. الزامن لڳائڻ کان اڳ ذوالفقار مرزا پهرين پنهنجي گهرواري فهميده مرزا ۽ پٽ حسنين مرزا کي اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏيارائي. سومر تي پيپلز ميڊيا سيل ۾ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ ممتاز جکراڻي، مڪيش چاولا، ايم پي اي امداد پتافي، طارق آرائين، پيپلز پارٽي جو اڳواڻ حبيب الدين جنيدي، ذوالفقار قائمخاني ۽ منظور عباس گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي گهرو وزير سنڌ ذوالفقار مرزا پاران پارٽي جي اعليٰ قيادت ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن تي مختلف ميڊيا ۾ اچي غيراخلاقي ۽ غيرپارلياماني زبان جي استعمال تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو. امداد پتافي چيو ته ذوالفقار مرزا جي ڪرپشن تي پارٽي نه صرف ان کان وزارت واپس ورتي بلڪ هن کان استعيفيٰ ورتو ۽ اڄ هو جنهن پارٽي اڳواڻن ۽ خاص ڪري اسان جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي ڪري بدين ۾ ڪيترين فيڪٽرين ۽ زمينن جو مالڪ بڻيل آهي خود ئي پنهنجي اوقات کان ٻاهر نڪري ويو آهي. هن چيو ته ذوالفقار مرزا پاليل نانگ آهي. اڳواڻن چيو ته جهڙي طرح جي زبان جو استعمال ذوالفقار مرزا هن وقت ڪري رهيو آهي اهڙي طرح جي زبان جو استعمال هو به ڪري سگهن ٿا، پر هو سياست ۾ غليظ، غير پارلياماني ۽ گندي زبان جو استعمال ڪرڻ نٿا چاهين. اڳواڻن چيو ته ذوالفقار مرزا جي زمينن جي ڪرپشن سميت ڪافي ڪرپشن ڪئي آهي ۽ جنهن وقت کيس وزارت ۽ اسيمبلي رڪنيت کان استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ چيو ويو ته هن چيو هو ته هو ڪنهن صورت ۾ پنهنجي پٽ کي اليڪشن ۾ وڙهڻ نه ڏيندو ۽ پارٽي جو ٽڪيٽ نه وٺندو. پر سڀ کان پهرين هو اسيمبلي جو ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ آصف علي زرداري وٽ پهچي ويو. هن چيو ته اسان اڄ ذوالفقار مرزا کي چئلينج ڪريون ٿا ته جيڪڏهن هو ايڏو وڏو غيرتمند آهي ته پنهنجي گهرواري ۽ پٽ کي اسيمبلي جي ميمبرشپ کان استعيفيٰ ڏيارائي ۽ پيپلز پارٽي جي ڪنهن ننڍي ڪارڪن سامهون اليڪشن کٽي ڏيکاري. هن چيو ته آصف علي زرداري ذوالفقار علي مرزا کي 40 سال کير پياريو، پر ان آستين جو نانگ جو ڪردار ادا ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ اڳواڻن چيو ته ذوالفقار مرزا هن وقت بئنڪ جو قرضئي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ان جي شگرملز کي سپريم ڪورٽ نيلام ڪرڻ جا حڪم ڏنا آهن. ان سان ڪنهن جو ڪوبه واسطو نه آهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڄ فهميده مرزا ۽ حسنين مرزا جيڪڏهن اسيمبلين جا ميمبر آهن ته اهو به پارٽي ۽ ان جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي ڪري آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *