ذوالفقار مرزا پاران 100 ماڻهن کي مارڻ جي ڌمڪي ڳڻتي جوڳو عمل آهي: نثار کهڙو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ذوالفقار مرزا پاران 100 ماڻهن کي مارڻ جي ڌمڪي ڏيڻ تشويشناڪ عمل آهي، عدليه ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادار ذوالفقار مرزا جي خونريزي وارين ڌمڪين جو نوٽيس وٺن ۽ سندس ڌمڪين واري بيانن کي ريڪارڊ تي رکيو وڃي.  اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته اهڙيون ڌمڪيون ڏيندڙ شخص کي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي حڪم تي پروٽوڪول فراهم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اهو عمل ظاهر ڪري ٿو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾  ناڪامي کانپوءِ ن ليگ جي وفاقي حڪومت عوام کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ ۾ يقين رکي ٿي. هن چيو ته ن ليگ جي حڪومت سنڌ جي عوام کي ڊيڄاري مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ سياسي يتيمن کي چونڊرائڻ لاءِ عوام تي دٻاءَ وجهي رهي آهي  جيڪو ن ليگ جي حڪومت جو شرمناڪ  ۽ جمهوري روايتن جي خلاف عمل آهي . هن چيوته سنڌ حڪومت صوبي جي ڌرتيءَ تي ڪنهن کي به قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏيندي. هن چيو ته نواز شريف جي حڪومت وفاقي ايجنسيز جي ذريعي سنڌ جي سنڌ جي عوام کي ڌمڪائڻ بند ڪري. هن چيو ته ارباب غلام رحيم، ذوالفقار مرزا جهڙا سياسي يتيم ن ليگ لا ءِ ووٽ نه ٿا وٺي سگهن پر وفاقي حڪومت جي آڙ ۾ لڪي سنڌ جي عوام کي پنهنجي نجي فورس ذريعي ڌمڪائي ڊيڄاري پنهنجي وڃايل ساک کي بحال ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن پر سنڌ جو عوام هاڻي سجاڳ آهي سندس اهڙين ڌمڪين کان نه دڄندو. هن چيو ته نواز شريف وفاقي ايجنسيز ذريعي سنڌ جي عوام کي ڊيڄارڻ بند ڪري ۽ شفاف مڪاني چونڊن ذريعي جمهوريت کي اڳتي هلڻ ڏي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *