ذوالفقار مرزا جي 47 ساٿين جي ضمانت گرفتاري کان اڳ منظور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج بشير احمد کوسو بدين ۾ داخل 3 ڪيسن ۾ اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا جي 47 ساٿين جي في ڪيس هڪ لک روپين تي گرفتاري کان اڳ ضمانت19مئي تائين منظور ڪري ڇڏي آهي.عدالت نوٽيس جاري ڪندي اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ ڪيس جي جاچ ڪندڙ آفيسر ن کي پڻ گهرايو آهي، سمورن ڏوهارين کي جاچ ڪندڙ آفيسرن جي آمهون سامهون پيش ٿيڻ جي هدايت به ڪئي آهي.ڪالهه ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي حامين جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ ساٿين حاجي خان، مهردين، نديم مغل، مرتضيٰ ميمڻ عيسيٰ ملاح سوڌو 47 ڏوهاري وڪيل اشرف ۽ ٻين وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ موجود هئا.بڌڻي دوران ڏوهارين جي وڪيل اشرف سمون ڏوهارين پاران ضمانت واري درخواست داخل ڪندي پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته ايف آءِ آر سياسي بنيادن تي داخل ڪرائي وئي آهي، سنڌ جي وزيراعليٰ آصف علي زرداري جي هدايت تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿين خلاف ڪارروائي ۽ انهن خلاف ڪيس داخل ڪرايا آهن، جيڪي سمورا سياسي نوعيت جا آهن. ٻڌڻي کانپوءِ  ذوالفقار مرزا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان اها ويڙهه پنهنجي گهر وارن يا ساٿين لاءِ نه پيو وڙهان ،مان ملڪ بچائڻ لاءِ اها ويڙهه وڙهي رهيو آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *