ذوالفقار مرزا جو اياز لطيف پليجي سان فون تي رابطو، ڪرپشن خلاف گڏيل جدوجهد تي اتفاق

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي ناراض اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي سان فون تي رابطو ڪيو آهي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ڪرپشن خلاف گڏيل جدوجهد هلائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا لنڊن مان فون تي اياز لطيف پليجي سان رابطو ڪيو ۽ ڪرپشن خلاف گڏيل جدوجهد هلائڻ جي آڇ ڪئي، جنهن تي ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو چوڻ هو ته ڪرپشن خلاف سندس موقف چٽو آهي، هو هم خيال ڌرين سان گڏجي جدوجهد هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اياز لطيف پليجي رابطي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا 20 ڏينهن اندر واپس ايندو، جنهن بعد هو سنڌ سرڪار جي ڪرپشن کي وائکو ڪرڻ لاءِ گڏيل جدوجهد هلائڻ بابت لائحه عمل جوڙيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *