ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذولفقار مرزا جي 6 ساٿين کي 22 مئي تائين جسماني ريمانڊ تي ڪرائيم برانچ حوالي ڪري ڇڏيو آهي. بدين ۾ ٿاڻي تي حملي ۽ زبردستي دڪان بند ڪرائڻ واري ڪيس ۾ محمد خان، عبدالستار، محمد هاشم، اسماعيل، خدا بخش ۽ نواز جتوئي کي ڪراچي جي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو.دهشتگرد ٽوڙ 6 ئي جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي 22 مئي تائين ڪرائيم برانچ حوالي ڪري ڇڏيو.