ذوالفقارعلي ڀٽو اسلامي دنيا جو وڏو معتبر ۽ جڳ مشهور سياستدان هو: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي 36هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو پاڪستان جو پر دنيا جو هڪ معتبر ۽ جڳ مشهور سياستدان هو هو هڪ بين الاقوامي سطح جو اڳواڻ هو جنهن جو پاڪستاني سياست ۾ هڪ اهم ڪردار رهيو آهي ۽ ان جي شخصيت بابت جيترو لکيو وڃي ۽ چيو وڃي اهو گهٽ آهي سيد قائم علي شآهه چيو ته شهيد ڀٽو ملڪ کي طاقتور بنائڻ لاءِ ايٽمي طاقت ڏني ۽ اسلامي ڪانفرنس لاهور ۾ منعقد ڪري مسلم دنيا کي وڌيڪ طاقتور بنائڻ ۾ هڪ اهم ڪارنامو سرانجام ڏنو. وڏي وزير چيو ته پاڪستان اسٽيل مل پورٽ قاسم صنعت صحت تعليم محبت ۽ ٻين ادارن ۾ انقلابي قدم شهيد ڀٽو جي عظيم پاليسين جو هصو آهن جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو سنڌ جي وڏي وزير چيو ته شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي انقلابي قدمن ۽ سوچ جي ڪري مخالفن ڪيس پنهنجي رستي تان هٽائڻ جي رٿابندي ڪئي ۽ هڪ فوجي آمر راتاهو هڻي هن عظيم قائم جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري غصبانه طريقي سان حڪومت تي قبضو ڪري ورتو ۽ ان کان پوءِ ان عظيم هستي ۽ عالمي پاءِ جي سياستدان ۽ اڳواڻ کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ سزا ڏيئي شهيد ڪري ڇڏيو وڏي وير چيو ته شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو ٽين دنيا جي عوام جي فلاح ۽ بهبود ترقي لاءِ نوان دڳ متعين ڪيا هن غربت ۽ بدحالي جي خاتمي لاءِ اٽي لٽي ۽ گهر جو نعرو عوام کي ڏنو ۽ سياست کي ڊرائنگ رومن مان ڪڍي ميدانن ۾ آندو هن عوام کي هڪ نئين سڃاڻپ ۽ سوچ ڏني جنهن سبب مزدور طبقي ۾ پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو هن قوم کي پهريون عبوري دستور ڏنو ۽ بعد ۾ هڪ گڏيل آئين ڏنو جنهن تي سمورين سياسي پارٽِن جي سربراهن صحيحون ڪيون ۽ ان جو هي ڪارنامو ملڪي سياسي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو هن چيو ته شهيد بينطير ڀٽو پنهنجي عظيم پيءُ جي نقش قدم تي هلندي ان جا اڻپورا خواب ۽ ان مملڪت خداد جي ترقي ۽ خوشحالي جي تڪميل ۽ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي بحالي لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ شهادت ماڻي جڏهن ته آصف زرداري بلاول ڀٽو زرداري شهيد ڀٽو جي پروگرام ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي پاليسين تي هلي پاڪستان کي خوشحال ملڪ بنائڻ ۽ پاڪستان جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ اٽو لٽو ۽ گهر فراهم ڪري بيروزگاري ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان کي متحد منظم ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهن انشاءَالله پاڪستان پيپلزپارٽِ پنهنجي شهيد اڳواڻ ذوالفقارعلي ڀٽو جي فڪر نظرين ۽ منشور تي عمل ڪري ملڪ کي عظيم ملڪ بڻائيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *