ذميواراڻي سياست ۽ صحافت کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي: سعد رفيق

لاهور(بيورو) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ذميواراڻي سياست ۽ صحافت کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، اسان سڀني کي سنجيدگي سان ملڪي ترقي ۾ حصو وٺڻ گهرجي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سعد رفيق چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا غلط هلندڙ خبرن جي وضاحت به  نشر ڪري. هن چيو ته اسان کي قوم کي مايوسي وارو نياپو ڏيڻ بدران هالڪاري پيغام ڏيڻ گهرجي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ماضِي ۾ سياسي پارٽين تي پابندي مڙهي وئي، اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت هاڻ وڌي رهي آهي، اسان سڀني کي گڏجي ان کي مضبوط ڪرڻو آهي ته جيئن اڳتي ڪابه قوت جمهوريت تي راتاهو نه هڻي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *