ذاتي طور تي ڪنهن قسم جي دٻاءَ ۾ نه آهيان، آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ بابت ناهي سوچوۡ: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هن هن وقت تائين آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت ناهي سوچو. وزيراعظم عمران خان خانگي ٽي وي جي اسلام آباد جي بيورو چيف خاور گھمڻ سان ملاقات دوران چيو ته موجوده سال اڃا شروع ٿيو آهي ۽ نومبر گھڻو پري آهي، پوءِ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو فڪر ڇو آهي. جڏهن وزيراعظم کان مسلم  ليگ (ن) ۽ فوج وچ ۾ امڪاني ڊيل ۽ حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪرڻ جي افواهن بابت سوال ڪيو ويو ته کيس ڪنهن به پاسي کان ڪو خطرو محسوس ٿيو، جنهن جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته هو ذاتي طور تي ڪنهن قسم جي دٻاءَ ۾ نه آهي. هن چيو ته هن کي حڪومتي اتحادين جي حمايت حاصل آهي ۽ هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته هن جي حڪومت پنهنجي مينڊيٽ جا 5 سال پورا ڪندي.  احتساب لاءِ پنهنجي پارٽي جي جدوجهد بابت ڳالهائيندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته اپوزيشن جي وڏين شخصيتن تي بدعنواني جي وڏن الزامن تي اڃا تائين ڪيس ناهي هليو ۽ ڪمزور پراسيڪيوشن سبب اُهي آزاد گھمي رهيا آهن. هن چيو ته قومي احتساب بيورو (نيب) عدالت ۾ ڪيس کڻي ويندو آهي  پر انهن تي ڪارروائي ناهي ٿي رهي. عمران خان اعتراف ڪيو ته اپوزيشن اڳواڻن جي خلاف بدعنواني جا ثبوت هجڻ باوجود هنن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ سندس حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪوتاهي قرار ڏئي سگھجي ٿو. پر وزيراعظم ان حوالي سان اپرميد نظر آيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف خلاف وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جيڪو تازو ڪيس آهي جنهن ۾ هو سزا کان نه بچي سگھندو. هن خيبرپختونخواهه ۾ هاڻوڪين بلدياتي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي شڪست کي وڏو نقصان قرار ڏنو. وزيراعظم عمران خان کان سوال ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪهڙي منصوبابندي ڪئي آهي جنهن هن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار تي اعتماد جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته جڏهن پنجاب ۾ چونڊون ٿينديون ته هن جي پارٽي بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *