دپيڪا پڊوڪون لاس اينجلس ۾ نوواڪ جوڪووچ سان گڏ گهمڻ لڳي

لاس اينجلس (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پدوڪون کي آمريڪا ۾ ٽينس اسٽار نوواڪ يوڪوچ سان گڏ هڪ ڪلب ۾ ڏٺو ويو، جنهن تي ٻنهي جي لاڳاپن بابت ميڊيا ۾ افواهن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق آمريڪا ۾ پنهنجي پهرين هالي ووڊ فلم ” ٽرپل ايڪس: دي رٽرن آف زينڊر ڪيج“ جي شوٽنگ ۾ رڌل 30 ورهين جي دپيڪا کي 8 مارچ تي اونادهي شام جو هڪ ڪلب ۾ يوڪووچ سان گڏ ڏٺو ويو، اها اسٽوري بريڪ ڪندڙ برطانوي ميگزين دي ڊيلي ميل پنهنجي خبر ۾ دپيڪا جو نالو لکڻ بدران رڳو اهو لکيوته هڪ عورت ساٿي کي ٽينس اسٽار سان گڏ ڏٺو ويو آهي،هاڻ اها ته خبر ناهي پئجي سگهي ته دپيڪا ۽ يوڪوچ ۾ ڪهڙا لاڳاپا آهن پر ڀارتي ميڊيا ۾ ان خبر تي ٿرٿلو ۽ تبصرا متل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *