
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊوڪون شادي کان پوءِ پنهنجي مڙس رنوير سنگهه جي لاءِ چانور ٺاهڻ لڳي آهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اداڪار رنوير سنگهه شادي کان پوءِ دپيڪا جي باري ۾ پڇيل هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته شادي کان پوءِ سندس زندگي ۾ سڀ کان خوبصورت تبديلي اها آئي آهي ته دپيڪا ماني ۾ هن جي لاءِ چانور ٺاهيندي آهي جيڪي کيس تمام گهڻا پسند آهن. رنوير سنگهه جو چوڻ هو ته دپيڪا پڊوڪون کان هڪ ئي شڪايت آهي ته هوءَ چوندي آهي ته ”تون هر ڇهين مهيني بعد هڪ نئين شخصيت بڻجي ويندو آهين“.