دپيڪا پڊوڪون اميتاڀ بچن کان شرمسار آهي

ممبئي(شوبز نيوز): بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊوڪون ساٿي ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن کان تمام شرمسار آهي، حال ۾ دپيڪا پڊوڪون  پنهنجي فلم پيڪو جا ڪاميابي کان پوءِ هڪ پارٽي ڏني، جنهن ۾ تقريبن سڀ بالي ووڊ شامل هئي، بهرحال ان فلم ۾ ان سان گڏ اداڪاري ڪندڙ اميتاڀ بچن نظر نه آيو، اميتاڀ بچن هڪ انٽرويو جي دوران ٻڏايو ته هن کي پارٽي جي دعوت ئي نه ڏني وئي هئي، دپيڪا پنهنجي غلطي قبول ڪندي چيو ته جڏهن ان چيو ته هو اميتاڀ سان تمام گهڻي شرمسار آهي، دپيڪا جو وڌيڪ چون هو ته جڏهن هن کي اندازو ٿيو ته ڪيتري دير ٿي چڪي هئي ۽ هو ان وقت اميتاڀ کي دعوت نه ڏئي سگهي پئي، دپيڪا جي مطابق ان کي اميتاڀ سان ڳالهائڻ ۾ به تمام شرمندگي محسوس ڪري رهي آهي ۽ ان ۾ اتيري همٿ نه آهي، ته هو ڪجهه چئي سگهي، بهرحال ان جو چوڻ هو ته هو تمام جلد ٽيليفون تي اميتاڀ کان معافي گهرندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *