دپيڪا ،سلمان سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ شرط رکي ڇڏيا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پدوڪون پهرين نمبر جي اداڪارا بڻجڻ کانپوءِ فلمن جي چونڊ ۾ پنهنجي پسند ناپسند جو خاص خيال رکڻ لڳي آهي، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق دپيڪا جي ان فيصلي جو هڪ مثال ان مهل سامهون آيو، جڏهن هن سپر اسٽار سلمان خان سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ هدايتڪار ڪبير خان جي سامهون پنهنجا ڪجهه شرط رکي ڇڏيا، ذريعن مطابق دپيڪا، هدايتڪار ڪبير خان کي چٽن لفظن ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن هو سلمان خان سان گڏ کيس فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ چاهي ٿو ته ان ۾ سندس ڪردار مرڪزي ۽ اهم هجڻ گهرجي، اداڪارا جو چوڻ هو ته هوءَ ڪمزور ڪردار هجڻ جي صورت ۾ فلم سائن نه ڪندي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *