دي ليجنڊ آف مولا جٽ ڪاپي ڪيس ۾ ڌرين جا وڪيل طلب

لاهور (شوبز نيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ ايندڙ ايڪشن فلم ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ جو نالو، ڊائلاگ، ڪردار ۽ موسيقي چوري ڪرڻ جي ڪيس ۾ فلم جي ٽيم ۽ ان تي ڪيس ڪندڙ ٽيم جي وڪيلن کي دليلن لاءِ 30 اپريل تي /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 26

طلب ڪري ورتو. ماهرا خان، حمزا علي عباسي ۽ فواد خان جي ايندڙ فلم ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ جي ٽيم تي فلم جو نالو، ڊائلاگ ۽ ڪردار چوري ڪرڻ جو ڪيس ”مولا جٽ“ جي نالي سان ٺهيل جڳ مشهور پاڪستاني فلم جي پروڊيوسر سرور ڀٽي ۽ سندس پٽ متقي ڀٽي داخل ڪرايو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان ڪئي ۽ سرور ڀٽي طرفان ايڊووڪيٽ احسن مسعود عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن عدالت کي ٻڌايو ته بلال لاشاري غير قانوني طور فلم ٺاهي آهي، ان جو نالو پراڻي فلم وارو، ڪردار ۽ ڊائلاگ ساڳيا استعمال ڪيا ويا آهن، فلم جا سمورا ڪاپي رائٽس ۽ ٽريڊ مارڪ سندس اصيل وٽ آهن ۽ بنا اجازت فلم جو ٽائيٽل، ڊائلاگ ۽ ڪردار استعمال ڪيا ويا آهن. هن چيو ته مولا جٽ فلم جو ٽائيٽل يا ان سان ملندڙ جلندڙ ٽائيٽل استعمال نٿو ڪري سگهجي، تنهن ڪري غير قانوني طور فلم ٺاهڻ، ان جي نمائش ڪرڻ ۽ سينسر ڪرڻ تي ان جي ٽيم خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. سرور ڀٽي جي وڪيل عدالت کي اپيل ڪئي ته اها پنهنجي فيصلي تائين فلم جي رليز تي پابندي مڙهي. ٻڌڻي دوران ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ جي پروڊيوسر عمارا حڪمت به پيش ٿي ۽ هن 7 صفحن تي ٻڌل جواب به عدالت ۾ جمع ڪرايو، جنهن ۾ چيو ويو ته سرور ڀٽي الزام مڙهيا ۽ عدالت ۾ ڪوڙ ڳالهايو، مولا جٽ جا ڪردار ۽ ڊائلاگ استعمال ناهن ڪيا ويا، عدالت ۾ غلط بياني ڪرڻ تي سرور ڀٽي تي ڏنڊ مڙهيو وڃي، گڏوگڏ عمارا حڪمت عدالت کي اپيل ڪئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ سرور ڀٽي جي درخواست ڪري ڇو ته ان جي درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي. ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت جا وڪيل به پيش ٿيا ۽ هنن عدالت کان وفاقي سينسر شپ بورڊ ٺاهڻ جي حوالي سان جواب داخل ڪرڻ لاءِ وقت گهري ورتو. عدالت وفاقي حڪومت جي وڪيلن کي وقت ڏيڻ سميت سرور ڀٽي کي به پروڊيوسر عمارا حڪمت جي متفرق درخواست تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، گڏوگڏ عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن کي دليلن لاءِ 30 اپريل تي طلب ڪري ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *