ديپيڪا پڊوڪون هالي ووڊ فلم لاءِ سخت ڪسرت شروع ڪري ڏني

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ديپيڪا جو هالي ووڊ جي فلم سيريز ٽرپل ايڪس جي ٽئين فلم “دي ريٽرن آف ايڪسنڊر ڪيج” ۾ اداڪار وين ڊيزل سان مرڪزي ڪردار نڀائڻ وڃي رهي آهي،ديپيڪا پنهنجي ڪردار کي بهتر طور تي نڀائڻ لاءِ سخت تربيت وٺڻ شروع ڪئي آهي.ديپيڪا جي ٽرينر ياسمين ڪراچي والا اداڪارا جي ڪسرت دوران ٺاهيل وڊيو به سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي سندس چاهيندڙ لاءِ ونڊي آهي ۽ چيو آهي ته ديپيڪا جا چاهيندڙ ديپيڪا کي هالي ووڊ ۾  هڪ نئين روپ ۾ ڏسندا.ديپيڪا جو ان حوالي سان چوڻ هو ته هو هالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ تي گهڻي خوش آهي ۽ گڏوگڏ منجهيل به آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *