ديويا دتا کي چاڪ اينڊ ڊسٽر ۾ ناڪاري ڪردار ادا ڪري مزو اچي ويو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره ديويا دتا چيو آهي ته هوءَ نئين فلم ”چاڪ اينڊ ڊسٽر“ ۾ ناڪاري ڪردار ادا ڪري تفريح ماڻي رهي آهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق اداڪاره چيو ته جڏهن کيس ان فلم ۾ ناڪاري ڪردار جي آڇ ٿي ته کيس وڏي حيراني ٿي ۽ کيس اهو منفرد ڪردار لڳو. هن چيو ته جڏهن اسڪرپٽ پڙهيم ته تمام گهڻو وڻيو. ان فلم ۾ جوهي چاولا ۽ شبانه اعظمي به ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪي منهنجيون پسنديده اداڪارائون آهن. ساڻن گڏ ڪم ڪرڻ سان گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو. فلم جي ڪاسٽ ۾ جيڪي شيروف، زرينا وهاب ۽ سمير سوني به شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *