دوکي بازن قومي ڪرڪيٽر محمد حفيظ کي به نه ڇڏيو، ساڍا 3 ڪروڙ رپيا ڦٻائي ويا

لاهور(اسپورٽس نيوز)قومي ڪرڪيٽر محمد حفيظ جي مطابق به سال اڳ هن ڊفينس جي ملڪيت وڪرو ڪرائيندڙ ڪاشف ۽ سندس ساٿين سان 8 ايڪڙ ايراضي جي زمين جو سودو ڪيو. ڏوهارين هن کي زمين ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر زمين ڏيڻ واري وقت ڏوهارين معزرت ڪئي، جنهن کان پوءِ محمد حفيظ ڪيترائي ڀيرا ڏوهارين کي زمين ڏيڻ يا پئسا واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پر ڪامياب نه ٿيو.محمد حفيظ مطابق ڏوهارين هڪ سال اڳ ڏوهارين کي 1 ڪروڙ 25 لک رپيا ڏنا، جڏهن ته  2 ڪروڙ جو چيڪ ڏنو، جيڪو بئنڪ ۾ بائونس ٿي ويو. محمد حفيظ 2 سال انتظار ڪرڻ کانپوءِ ايس ايس پي سي آئي اي محمد عمر ورڪ وٽ پهتو ۽ انصاف جي اپيل ڪئي. ايس پي سي آئي اي  فوري طور تي ڊي ايس پي ڪينٽ رئيس خان کي هدايت ڪئي ته ڏوهارين کي گرفتار ڪري قومي ڪرڪيٽر جا پئسا واپس ڪرايا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *