دوپيڪا پڊوڪون ڌمڪين جي خلاف خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) باليوڊ ڊمپل گرل دوپيڪا انتها پسند هندن  جي طرفان ڌمڪين   جي خلاف خاموشي ٽوڙي ڇڏي،  باليوڊ فلم پدماوتي شروع کان ئي هندو انتها پسندن جي نشاني تي رهي، ان حوالي سان شوٽنگ  جي دوران به پوري ٽيم کي ڪيترن ئي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻون پيو، هندو انتها پسند  جماعت شريف راجپوت ڪرني سينا جي طرفان فلم  جي رليز  جي صورت ۾  دوپيڪا ۽ سنجي ليلا ڀنسالي  جي سر ڪي قيمت 10 ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي هئي، ڀارتي ميڊيا جي مطابق دوپيڪا  هڪ انٽرويو ۾  چيو ته  هوءَ اهڙن بيانن کان هرگز خوفزده ناهي،  پر هڪ فنڪار، ڀارتي شهري ۽ عورت هجڻ جي ناتي  هي خبرون ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿئي ٿو،  واضع رهي ته هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم پدماوتي ۾ دوپيڪا سان گڏ  شاهد ڪپور، رنوير سنگھه اهم ڪردار ڪري رهيا آهن جيڪا پهرين ڊسمبر  تي رليز ٿيڻي هئي جيڪا هاڻي 12 جنوري تي رليز ٿيڻي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *