دوا کائڻ بعد بيمار ماڻهو شفا ملڻ بدران وڌيڪ بيمار ٿيو وڃي: سپريم ڪورٽ

لاهور (اين اين آءِ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار نقلي ۽ غير رجسٽرڊ دوائن واري ڪيس جي ٻڌني دوران ريمارڪس ڏنا ته تڪليف واري اها ڳالهه آهي جو نقلي دوائن جي معاملي تي ڪم ناهي ٿيو هڪ ماڻهو بيمار آهي دوائون کائڻ سان ان کي شفا ٿيڻ بدران ويتر بيمار ٿي پوي ٿو چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس اعجازالحسن ۽ جسٽس عمر عطا بنديال تي ٻڌل ٽن ميمبرن واري بئنچ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ڪيس جي ٻڌني ڪئي آءِ جي پنجاب ڪئپٽن رٽائرڊ عارف نواز خان ۽ ريجنل پوليس آفيسر بهاولپور راجا رفعت مختيار پيش ٿيا آءِ ڊي پنجاب موقف اختيار ڪيو ته آر پي او بهاولپور تي نقلي دوائن جي معاملي تي پنهنجي برادر نسبتي جي سپورٽ جو الزام غلط آهي جڏهن ته فاضل عدالت جو چوڻ هو ته اسان جي اطلاعن مطابق آر پي او پنهنجي ربرادر نسبتي جي سپورٽ ڪئي چيف جسٽس چيوت ه ڪنهن کي نقلي دوائن جي معاملي تي اثر ۽ رسوخ استعمال ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏيئي سگهون ڏک واري اها ڳالهه آهي جو نقلي دوائن جي معاملن تي ڪم ناهي ٿيو. چيف جسٽس چيو ته اسان جي چوڻ تي هڪ آفيسر فيڪٽري تي ڇاپو هنيو ۽ نيب ڪالهه ان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو لڳي ٿو ته هي ماڻهو طاقتور آهن پر هن معاملي ۾ ڪنهن کي پنهنجي طاقت استعمال ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏيئي سگهون چيف جسٽس چيو ته ججن جو ڪنهن جي ذاتي معاملن سان ڪوبه تعلق ناهي هوندو يا پنهنجي ڀبينرن ۽ ڀائرن سان تعلق رهندو آهي الله سڀني کي پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻ جي جرئت ڏي فاضل بئنچ ڊي جي جنرل ايف آءِ اي نقلي دوائن تي جاچ ڪري مفصل رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌني ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *