دهشتگرد ۽ سندن پٺڀرائي ڪندڙ غلط فهمي ۾ نه رهن، قوم ۽ فوج آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندي : ممنون حسين

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ ۾ گهڻي حد تائين ڪامياب ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اسان انهن سببن جو جائزو وٺون، جن سان ملڪ انتهاپسندي ۽ ج دهشتگردي جي لاڙي جو شڪار ٿيو ته جيئن اڳتي ان قسم جي حالتن کان بچڻ لاءِ اپاءَ وٺي سگهجن، اهو سو سنئوڻ آهي ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي سالياني جائزيمطابق ملڪ ۾ بدعنواني ۾ گهٽتائي ٿي آهي، ملڪ مان بدعنواني جي مڪمل خاتمي ۾ پاڪستان جو نئون نسل اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندي. هن اها ڳالهه پاڪستان آرمي جي بيچلر آف ملٽري آرٽ اينڊ سائنس ۽ نسٽ انسٽيٽيوٽ آف پيس اينڊ ڪنفلڪٽ اسٽيڊيز جي سندون ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته موجوده دور ۾ دفاعي سائنس ڏکي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، هاڻي سياسي، سفارتي، معاشي ايستائين جو مواصلات جهڙا معاملا به بچاءَ جي معاملن سان ڳنڍجي ويا آهن، صدر چيو ته گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران جنم وٺندڙ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي مسئلن ۾ وا ڪئي آهي، ان ڏس ۾ اهو اڻٽر ٿي ويو آهي ته هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي سکيا جديد گهرجن مطابق ڪئي وڃي ته هو لاڳيتو مٽجندڙ حالتن جي گهرجن تي پورو لهي سگهن. هن چيو ته اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي عزم سان دنيا تي واضح ڪيو آهي ته اها ۽ هٿياربند فوج اندروني ۽ پرڏيهي هر قسم جي حالتن ۾ گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جي اهليت رکن ٿا. صدر چيو ته اسان دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن تي واضح ڪريون ٿا ته هو ڪنهن به غلط فهمي ۾ نه رهن، پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندي، صدر هدايت ڪئي ته ملٽري آرٽ اينڊ سائنس جي ڪورس تي لاڳيتو غور جاري رکيو وڃي ته جيئن هي ڪورس ايندڙ وقت جي گهرجن تي پورو لهي سگهي، صدر چيو ته پاڪستان ۾ ماضي ۾ وسيلن کي ضايع ڪيو ويو، جنهن سان پاڪستان معاشِ مسئلن جي ور چڙهي ويو، لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ وقت سر رٿائون شروع نه ڪيون ويون، ڪرپشن ۽ بدعنواني مان پاڪستان کي سخت نقصان پهتو، ان صورتحال مان نڪرڻ جو اڪيلو طريقو هي آهي ته ملڪ مان بدعنواني جو مڪمل طور تي خاتمو ڪيو وڃي، هن چيو ته بهتري جو هي سفر جاري رهڻ گهرجي. صدر چيو ته معاشِ لنگهه رٿا قومي معيشت لاءِ اڻٽر آهي، قوم ان جي رستي ۾ ڪا به رنڊڪ اچڻ نه ڏي. صدر ان رٿا جو روٽ مٽائڻ وارين ڳالهين کي رد ڪندي چيو ته روٽ ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *