دهشتگرد ڪلڀوشن ياديو کي اين آر او ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: بلاول

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت تي ڀارتي جاسوس ڪلبوشن ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي اڳوڻي ترجمان احسان الله احسان کي اين آر او ڏيڻ جو الزام مڙهيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان چوندو رهيو ته مان ڪنهن کي اين آر او نه ڏيندس پر جيترا اين آر او عمران خان ڏنا تاريخ ۾ ڪنهن وزيراعظم ناهن ڏنا، جهانگير ترين، بي آر ٽي، مالم جبه، بلين ٽرين، کنڊ چوري تي اين آر او ڏنو پيو وڃي هر شئي تي اين آر او ڏنو پيو وڃي وزيراعطم جي خلاف پريس ڪانفرنس يا تقرير ڪجي ته احسان الله احسان وٽان ڌمڪي/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 36

اچي ٿي احسان الله احسان اسان جي پارٽي سان ڇا ڇا ڪيو ان جو جواب نه ڏي پر اي پي ايس جي ٻارڙن جو جواب ته ڏيڻو پوندو. احتساب لاءِ پاڪستان ۾ هڪ ادارو هجي جيڪو سڀني جو بنا فرق احتساب ڪري خميس تي قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سينيٽ ۾ ڪلبوشن کي رليف ڏيڻ جو معاملو اٿاريو ويو ته اڄ آرڊيننس جاري ڪيو ويو اڄ حڪومت عالمي عدالت کي نه پئي مڃي حڪومت ڪلبوشن کي اين آر او ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسان ڪلبوشن کي اين آر او ڏيون هن سوال ڪيو ته احسان الله احسان ڪنهن جي قيد ۾ هو ڪيئن گرفتار ٿيو ان کي ٻيهر پڪڙڻ لاءِ ڇا ڇا ڪيو پيو وڃي احسان الله احسان کي به اين آر او ڏنو ويو ۽ ان کي آزاد ڪرڻ جو جواب به اڄ تائين ايوان ۾ ناهي ڏنو ويو بلاول ڀٽو چيو ته وزيراعظم پنهنجي ڪنهن بيان ۾ به دهشتگردن جي مخالفت ناهي ڪئي وزيراعظم جي خلاف پريس ڪانفرنس يا تقرير ڪئي وڃي ته احسان الله احسان وٽان ڌمڪي اچي ٿي. هن چيو ته هائوس کي به اعتماد ۾ نه ورتو ويو رات جي پهر ۾ آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو اسان جي احتجاج تي هاڻي معاملو هتي آندو ويو آهي جيڪڏهن اوهان آءِ سي جي قانون کي نٿا مڃون ته پاڪستان جي قانون سان اين آر او نه ڏيو ڪلبوشن مڃي ٿو ته هو پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪندو هو عمران خان ۽ تحريڪ انصاف اين آر جو جواز پيش ڪري رهي آهي پ پ پ چيئرمين چيو ته سپريم ڪورٽ چيو نيب کي سياسي انجينئرنگ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو ان لاءِ هڪ نئون احتساب ادارو بڻايو وڃي جيڪو حڪومت، اپوزيشن ٻنهي جو احتساب ڪري ته جيئن احتساب لاءِ پاڪستان ۾ هڪ ادارو هجي جيڪو سڀني جو بنا فرق احتساب ڪري جنهن کان پوءِ بلاول ڀٽوزرداري قورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي اپوزيشن ميمبر غدار آهي غدار آهي مودي تنهنجو يار آهي جا نعرا هڻندي ايوان مان نڪري ويا. ان موقعي تي حڪومتي ميمبرن به جواب ۾ نعرا هنيا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *