دهشتگرد ڀٽڪيل آهن، سندن ڪو به دين مذهب ناهي، امن امان قائم ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻا پوندا: صدر

ڪوئيٽا(م.ڊ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته فوج ۽ حڪومت دهشتگردن جي مستقل خاتمي جو پڪو ارادو ڪيو آهي، دهشتگرد ڀٽڪيل آهن، سندن ڪو به دين مذهب ناهي، امن امان قائم ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻا پوندا.. ڪوئيٽا ۾ صدر ممنون حسين سان سياسي ۽ قبائلي اڳواڻن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر ڳالهائيندي چيو ته حڪومت دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي، حڪومت ۽ فوج مستقل بنيادن تي ڪارروائي ڪري دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ جو پهه ڪيو آهي.. صدر ممنون حسين چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي بحالي لاءِ تڪڙا اپاءُ ورتا وڃن، دهشتگردي ۾ ملوث ماڻهو گمراهه آهن، جن جو ڪو به مذهب نه آهي، بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪندڙ انسان نه پر حيوان آهن.. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري سان بلوچستان ۾ ترقي جا دروزا کلندا، پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبن سان گهڻو فائدو بلوچستان جي عوام کي ٿيندو. صدر چيو ته پرڏيهي ڪمپنيون بلوچستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿيون، پر پرڏيهي سيڙپاڪارن کي امن امان بابت خدشا آهن. ممنون حسين وڌيڪ چيو ته ملڪ مان 2018 تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو ويندو……

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *