دهشتگرد رياست آڏو ڪنڌ جهڪائين ٻي صورت ۾ بدترين انجام لاءِ تيار ٿين: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين چيو آهي ته دهشتگرد رياست آڏو ڪنڌ جهڪائين ٻي صورت ۾ بدترين انجام لاءِ تيار ٿين اها ڳالهه صدر ممنون حسين راولپنڊي ۾ ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز پاڪستان جي 48هين ڪانوڪيشن کي خطاب ڪندي ڪئي صدر چيو ته پشاور سانحي اسان کي ڪمزور نه پر دهشتگردي جي خلاف اسان جو عزم مضبوط ڪيو آهي قوم دهشتگردن خلاف وڙهندڙ فوج سان گڏ آهي هن چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي کان نفرت ڪري ٿي ۽ وطن کي پرامن ۽مستحڪم ملڪ بنائڻ گهري ٿي اسان جي هن قومي عزم جي آڏو ڪائي رنڊڪ نٿي اچي سگهي ۽ اسان جي هن قومي عزم کي ڪوئي ناڪام نٿو بڻائي سگهي صدر چيو ته دهشتگرد رياست جي طاقت آڏو ڪنڌ جهڪائين ٻي صورت ۾ اهي پنهنجي انجام لاءِ تيار ٿي وڃن. صدر ممنون حسين هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو ته هاڻي دهشتگردن جو انجام پري نه آهي صدر چيو ته پاڪستان کي دهشتگردن کان پاڪ ڪري هن ملڪ ۽ خطي کي پرامن ۽ پرسڪون بڻائينداسين. صدر چيو ته پشاور ۾ شهيد ٿيل ٻارڙا ۽ سندن والدين قوم جا محسن آهن. جنهن جي ڪري دهشتگردي خلاف اسان جو عزم اڃا وڌيڪ پختو ٿيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *