دهشتگرد حملي جي باوجود يورو 2016ع فٽبال چيمپئن شپ فرانس ۾ ئي منعقد ٿيندي: يوئيفا

لنڊن(اسپورٽس نيوز) يورپين فٽبال ايسوسيئيشن (يوئيفا) ارادو ڪيو آهي ته پيرس ۾ دهشتگرد حملي جي باوجود ايندڙ سال شيڊول يونين فٽبال چيمپئن شپ فرانس ۾ منعقد ٿيندي. فرانس جي گاديءَ واري شهر پيرس ۾ دهشتگردن ستن مختلف هنڌن کي نشانو بڻايو. ڌماڪن ۽ فائرنگ سبب 129 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 300 کان به وڌيڪ زخمي ٿيا هئا، پر يوئيفا اختيارين چيو آهي ته ميگا چيمپئن شپ فرانس ۾ طئي ٿيل شيڊول مطابق منعقد ٿيندي. هن چيو ته اسان گذريل 3 سالن کان انهن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. ان ڪري اسان ڪامياب منعقد ڪرائڻ جي گارنٽي ڏيون ٿا. ٽورنامينٽ جي ڊراز ج اعلان طئي ٿيل شيڊول مطابق 12 ڊسمبر تي ڪيو ويندو. ياد رهي ته ٽورنامينٽ 10 جون کان 10 جولاءِ تائين فرانس ۾ شيڊول آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *